سِم ۽ ڪلر

سِم ۽ ڪلر: جڏهن زير زمين پاڻيءَ جي سطح، زمين جي سطح کي ويجهي هجي، ته ان کي سم واري زمين چئبو آهي. پاڻيءَ جي مقدار وڌڻ سان پاڻيءَ جي سطح پڻ مٿي چڙهي ويندي آهي ۽ زمين جي مٿئين تهه تائين پهچي ويندي آهي. جڏهن زير زمين پاڻيءَ جي سطح چڙهندي آهي ته اها زمين ۾ موجود لوڻ کي به پاڻ سان گڏ مٿي چاڙهي، سم ۽ ڪلر جي صورتحال پيدا ڪندي آهي. ان جون ابتدائي نشانيون هي آهن ته جڏهن اهو لوڻ زمين اندر فصل جي پاڙن واري حصي تائين پهچندو آهي ته فصل ۽ ٻوٽا سڙڻ لڳندا آهن. جڏهن زير زمين پاڻي انهيءَ لوڻياٺ سان گڏ زمين جي سطح تي ايندو آهي ته سج جي گرميءَ سان پاڻي ٻاڦ ٿي اڏامي ويندو آهي ۽ پوئتي زمين جي مٿاڇري تي لوڻياٺي اڇي رنگ جو پائوڊر گڏ ٿيندو ويندو آهي، جنهن کي ’سم ۽ ڪلر‘ سڏيو ويندو آهي.
سنڌ جي ڪيترن علائقن جون، خاص ڪري جتان بئراج گذرندا آهن، زمينون سم ۽ ڪلر جي ڪري خراب ٿي چڪيون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو